ڊاڪٽر پروفيسر عبدالعزيز عمراڻي

ڊاڪٽر پروفيسر عبدالعزيز عمراڻي

عبدالعزيز عمراڻي

عبدالعزيز عمراڻي: نامياري تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر عبدالعزيز ولد محمد هاشم عمراڻي 3 جنوري 1946ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ پنيل ڳاهو ۾ جنم ورتو. بي.اي، بي.ايڊ ۽ ايم.اي (اسلامڪ ڪلچر) جون ڊگريون حاصل ڪيائين، جنهن بعد ’علامه آءِ آءِ جا مذهبي رايا‘ ‘Religious Thoughts of Allama I.I Kazi’ عنوان هيٺ 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پي.ايڇ.ڊي جي سند حاصل ڪيائين. 1964ع ۾ هي سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو ۽ مختلف سيڪنڊري اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڊسمبر 1973ع کان 31 فيبروري 1981ع تائين اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ملازمت ڪيائين. ان کانسواءِ 1981ع کان 2006ع تائين قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هي سنڌي، انگريزي، اردو ۽ عربي ٻولي تي عبور رکي ٿو. ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا. علامه آءِ آءِ قاضي جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تقريرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو 1999ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊميءَ پاران ’اسلام جديد فڪر جي پس منظر ۾‘ جي عنوان سان شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس تصنيف ڪيل ٻيو ڪتاب به ساڳئي اداري طرفان 2000ع ۾ ’اسلام ۽ نئين جاڳرتا‘ جي عنوان سان شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح 1989ع ۾ ‘Allama I.I Kazi on Education’ جي عنوان سان ۽ 1994ع ۾ ‘Islam the Universal Religion’ جي عنوان سان ڪتاب شايع ٿيو. ڊاڪٽر عبدالعزيز عمراڻي ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيل علامه آءِ آءِ قاضي جي انگريزي ۾ ٿيل تقريرن کي سهيڙي انهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري ’سنئين واٽ‘ جي عنوان سان 1997ع ۾ ڪتاب شايع ڪرايو. پاڻ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي ’بيسڪ سائنس‘ شعبي جو چيئرمن به رهيو. هن کي نياڻين جي تعليم جو اونو رهيو تنهن ڪري پاڻ لکين رپين جي ماليت جو قيمتي پلاٽ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول موري منگر لاءِ مفت فراهم ڪيو ۽ ڪافي عرصي تائين ان اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي هو پاڻ پگهار ڏيندو رهيو. پاڻ هن وقت اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ پروفيسر آهي ۽ هن وقت سندس رهائش ڳوٺ موري منگر ۾ آهي.


لفظ عبدالعزيز عمراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.01.03  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالعزيز ولد محمد هاشم عمراڻي 3 جنوري 1946ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ پنيل ڳاهو ۾ جنم ورتو.


1981.02.31  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالعزيز ڊسمبر 1973ع کان 31 فيبروري 1981ع تائين اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ملازمت ڪيائين.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر
قاضي عزيز الله ڏيٿو مٽياروي
شهيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
سرفراز احمد ڀٽي ڊاڪٽر
شيخ محمد مريد سيوهاڻي
شيخ محمد اچي قاضي
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
پٺاڻ مولوي عبدالعزيز
ابوالحسن صغير
ذاڪر نائڪ ڊاڪٽر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون